انڙ انڙائي

انڙ انڙائي: ڄام مهڙ ۽ ڄام مناهي، سنڌ جي سمن مان پهريان مک سردار هئا، جن سومرن جي دور جي وچ ڌاري ڪڇ ۾ سمن جي طاقت جو بنياد وڌو. ڪڇ جي روايت موجب ڄام مهڙ ۽ ڄام مناهي پهريان سما سردار هئا، جي سنڌ مان آيا ۽ اچي ڪڇ ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪيائون. انڙ انڙائيءَ جي ڳالهه انهيءَ دور سان تعلق رکي ٿي ۽ ڪڇ جي روايتن سان گهڻي قدر ملي ٿي. البته ڪڇ جي روايتن موجب مهڙ ۽ مناهي پنهنجي ڀاءُ انڙ کي مارايو، انهيءَ ڪري کين سنڌ ڇڏڻي پئي. مگر انهيءَ روايت جي تصديق نه ٿي ٿئي. ان کانسواءِ سمن جي مختلف شجرن ۾ پڻ انڙ جو اولاد ڄاڻايل آهي. جنهن مان اندازو آهي ته انڙ سنڌ ۾ ڄام ٿي رهيو ۽ مهڙ ۽ مناهي وڃي ڪڇ ۾ حڪومت قائم ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو